ڪي پي ڪي، گلگت ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جون تباهڪاريون، فوتين جو انگ 76 ٿي ويو

پشاور(م.ڊ)  خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برساتن دوارن مختلف واقعن ۽ حادثن جي نتيجي ۾  عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو فوتين جو انگ وڌي 76 ٿي ويو آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي جي هيٺانهن علائقن ۾ اڃا وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برف وسڻ جو امڪان آهي، شانگلا ۾ برساتن دوران لينڊ سلائيڊنگ سبب 22 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عام زندگي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي، قراقرم رستو، سوات روڊ ۽ ٻيا رابطي وارا رستا لينڊ سلائيڊنگ سبب پوري ريت بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي وهڪري ۾ مينگوره-سوات روڊ جو ڪجهه حصو پڻ لڙهي ويو، هوڏانهن غوربند مٽا اعواڻ واري علائقي ۾ پٿر ڪرڻ سبب گاڏي سوات درياهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، اهڙي ريت ليلونئي ۾ گهر تي مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 3، چڪيسر ۾ 3،مارين ۾ 3،رانيال ۾ 4،مارتونگ ۾ 2، پورن ۾ هڪ ۽ ڪانا ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿي ويا.  ٻئي طرف ڪوهستان: ڪوهستان جي علائقي ڪنديان ۾ 5 گهرن مٿان مٽيءَ جي ڇپ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو دٻجي ويا، ڊي پي او ڪوهستان ٻڌايو ته ڪوهستان جي علائقي ڪنديان ۾ تيز برساتن سبب مٽيءَ جي هڪ وڏي ڇپ آبادي مٿان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 گهر دٻجي ويا، هن ٻڌايو ته مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب رابطي وارو رستو بند ٿي ويو،جنهن ڪري امدادي ڪمن ۾ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، ڊي پي او ٻڌايو ته مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان 30 ڄڻا دٻجي ويا آهن، جن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڊي پي او ڪوهستان مطابق علائقي ۾ ڦاٿل 21 جاپاني سياحن کي محفوظ هنڌ تي پهچايو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *