ڪي فور جو نظرثاني ٿيل ڊزائين مڪمل، اڏاوتي ڪم ٽن کان چئن مهينن ۾ شروع ٿي ويندو، 2023 ۾ مڪمل ٿي ويندو: چيئرمين واپڊا

ڪراچي (اين اين آءِ) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين گريٽر ڪراچي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڪي فور پروجيڪٽ جو دورو ڪيو ۽ پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کانپ وءِ چيو آهي ته ڪي فور جو نظرثاني ٿيڻ ڊزائين مڪمل، اڏاوتي ڪم ٽن کان چئن مهينن ۾ شروع ٿي ويندو ۽ ڪي فور پروجيڪٽ آڪٽوبر 2023 ۾ مڪمل ٿي ويندو، جنرل مئنيجر (پروجيڪٽس)، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي فور ۽ ڪنسلٽنٽس جا نمائندا به موجود هئا. پروجيڪٽ تي ڪم جي رفتار تي اطمينان ظاهر ڪندي چيئرمين چيو ته واپڊا ڪي فور پروجيڪٽ جي نطرثاني ٿيڻ ڊزائين کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪري ورتو آهي پراجيڪٽ تي اڏاوتي ڪم ايوارڊ ڪرڻ جو عمل جاري آهي. ڪانٽريڪٽ ايوارڊ ٿيڻ کان پوءِ ڪي فور پراجيڪٽ تي اڏاوتي ڪم ايندڙ ٽن کان چئن مهينن ۾ شروع ڪيو ويندو هن چيو ته وزيراعظم جي ڪراچي پئڪيج تحت ڪراچي کي 650 ملين گيلن روزانو اضافي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ واپڊا ڪي فور پراجيڪٽ کي آڪٽوبر 2023 تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ان موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪتر چيئرمين کي پراجيڪٽ تي هن وقت تائين حاصل ڪيل اهم سنگ مين متعلق بريفنگ ڏني ۽ پراجيڪٽ کي ٽائيم لائينز تحت مڪمل ڪرڻ جي پلان جي تفصيل کان به آگاهه ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪي فور پراجيڪٽ ڪراچي کي روزانو 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي هن کان اڳ هن منصوبي جي اڏاوت جي ذميواري سنڌ حڪوتم وٽ هئي جڏهن ته سنڌ حڪومت سان هڪ انتظام تحت هاڻي هي منصوبو وزيراعظم جي ڪراچي پئڪيج تحت وفاقي حڪومت تعمير ڪري رهي آهي ۽ ان پسمنظر ۾ وفاقي حڪومت واپڊا کي ڪي فور رٿا تي عمل جي ذميواري ڏئي ڇڏي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *