ڪي اين شاهه لڳ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، عورت ۽ ٻارڙو فوت، هڪ ڄڻو مرڻينگ

خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽر) خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڪار ڊرائيور ٻه جانيون کسي ورتيون، ڪار جي زوردار ٽڪر لڳڻ ڪري ماء ۽ پٽ فوت جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار سخت زخمي، تفصيل موجب؛ خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ ڪولاچي لڳ انڊس هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار 35 ساله عورت مسمات پروين اشوڪ ۽ سندس پٽ 5 سالن جو پٽ ساگر ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتي عورت جو مڙس اشوڪ ڪمار سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳوٺاڻن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي سرڪاري اسپتال ۾ پهچايو ويو جڏهن ته سول اسپتال ۾ صحت جي حوالي سان ڪي خاص انتظام نه هجڻ ڪري زخمي اشوڪ ڪمار کي لاڙڪاڻي نيو ويو هوڏانهن ڪار سوار ڊرائيور موقعي تي ئي فرار ٿي ويو ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ۽ زخمي ڏوڪري تعلقي جا رهواسي آهن جيڪي ڏوڪري کان دادو وڃي رهيا هئا ته ڪولاچي ويجهو حادثو پيش آيو جڏهن آخري اطلاع تائين پوليس ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *