ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو ڪم نه پيا ڪن، پنھنجا معاملا ٺيڪ ڪن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ رهتن جي ادائيگي تي تڪرار واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ لوڪل گورنمينٽ ڪراچي کي تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽيز ۽ ذيلي ڪميٽيز ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت حڪم ڏنو ته ڪميٽيز ۽ ذيلي ڪميٽيز ڪي ايم سي جي روينيو جنريشن، مسئلن ۽ تڪرارن جو مستقل حل ڪڍن، وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو ڪم ئي نه پيا ڪن ڪوئي نٿو چاهي ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ اونداهي هجي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ ادارن جي وچ جا تڪرار ٻڌڻا نه آهن، قانوني مسئلا حل ڪرڻ ويٺي آهي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ حڪوتم سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪي اليڪٽرڪ کي 433 ملين ادا ڪيا جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي انرجي بل ادا ڪرڻ ڪي ايم سي جو ڪم آهي، سنڌ حڪومت رڳو فنڊ ڏيڻ جي پابند آهي ڪي ايم سي کي پنهنجو روينيو پاڻ ٺاهڻو هوندو آهي ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجا معاملا گڏجي ويهي حل ڪرڻ گهرجن ڪي اليڪٽرڪ جيوڪيل چيو ته ڪي ايم سي کي تجويز ڏني آهي ته اهڙيون اسٽريٽس لائٽ لڳايو جيڪو آٽوميٽڪ آن آف ٿين، سنڌ حڪومت جي 433 ملين ادا ڪرڻ کان پوءِ به 936 ملين اڃا آهن جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته هن ڪيس ۾ ڪوئي قانوني نقطو نه آهي رڳو عدالتي وقت وڃايو پيو وڇي ڪي ايم سي کي خبر ئي نه آهي ته ان کي ڪيتريون رهتون ادا ڪرڻيون آهن اسان هتي پئسا ۽ ڪاروباري مسئلا حل ڪرڻ ناهيون ويٺا بدقسمتي سان ملڪ ۾ ميونسپل ڪارپوريشنز جو برو حال آهي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *