ڪيٽي بندر ۾ گهر کي باهه، 3 ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 10 ڄڻا سڙي فوت

ٺٽو (ڊ ر) ڪيٽي بندر جي ٻيٽ ۾ قائم ڳوٺ نبو جت ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 7 ٻارڙن ۽ ٻن عورتن سميت 10 گهر جا ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا. پيٽ گذر لاءِ سمنڊ جي ٻيٽ اندر قائم ڳوٺ نبو جت ۾ ان وقت واقعو پيش آيو ، جڏهن ته سمورا گهر ڀاتي رات جي ماني کائي رهيا هئا. ڊيزل جو ڊرم چـُلهه مٿان ڪرڻ سبب اک ڇنڀ ۾ باهه ڪکائين گهر کي وڪوڙي وئي. باهه ايتري ته تيز هئي جو سمورن گهر ڀاتين کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو نه مليو ، جنهن سبب 4 مرد، 3 ٻارڙا ۽ 3 عورتون سڙي فوت ٿي ويون. باهه جي شعلن گهرن ۾ موجود نبو جت سندس پٽ شڪيل، حميد مير جت، عزيز مير جت، عورت شڪيلان جت، اسلام جت، عورت غازي خاتون، نينگري مسمي، نينگري لاڏان ۽ غلام رسول جت کي ساڙي ڪوئلو ڪري ڇڏيو. باهه لڳندي ئي ڳوٺ ۾ موجود ٻين رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ڪري غضب جي باهه تي ضابطو آڻي سڙي زخمي ٿيل حسين جت، مارل خاتون، عالم ۽ هڪ نينگري کي ٻاهر ڪڍيو . ڳوٺاڻن سڙي زخمي ٿيل چئني ڄڻن کي ڪراچي ڏانهن منتقل ڪيو، جن جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا کي ته اطلاع ڏنو آهي پر بروقت ڪو به عملدار ناهي پهتو . ڊي سي ٺٽي نديم الرحمان ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعو سمنڊ اندر بِت ۾ ٿيو آهي جتي پهچڻ لاءِ 2 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، تنهنڪري انتظاميا جلد پهچي نه سگهي پر متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *