ڪيٽرنگ ٺيڪن جي انڪوائري جو اعلان، عدالتن تي نه نيب تي اعتراض آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسنا کي عدالتي فيصلي تي نه پر نيب جي ٻٽي معيار تي اعتراض آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ۽ شرجيل ميمڻ کي عدالتن تي پورو اعتماد آهي،  عدالتون مقدس آهن ۽ اسان انهن جي پيش ٿياسين، اسان کي عدالتي فيصلي تي نه پر نيب جي ٻٽي معيار تي اعتراض آهي. مراد علي شاهه چيو ته شرجيل ميمڻ عدالتن مان ڀڳو ناهي پر هن هر فورم تي عدالت کي منهن ڏنو، شرجيل ميمڻ کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو، ڏاڍي احترام سان ٿو چوان ته اها سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تذليل آهي. هن چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته شرجيل ميمڻ کي شاهراهه عراق يا ڪنهن ٻي جاءِ تان گرفتار ڪيو ويو، عدالت کي چوان ٿو ته هو ڪوڙ ڳالهائيندڙن خلاف ايڪشن وٺي. هن چيو ته هڪ ميمبر کي اسيمبلي جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو، هو اسان جو ميمبر نه هو پر پوءِ به اسان ان تي گوڙ ڪيو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته نيب عدالت نه پر ادارو آهي ۽ اسيمبلي جو ٺهراءُ ڪنهن عدالتي فيصلي جي خلاف ناهي، ٺهراءَ نيب جي خلاف آهي، ٺهراءَ تي هن وقت تائين ڪنهن به ناهي ڳالهايو، ٺهراءَ ۾ ڪٿي ناهي چيو ته شرجيل ميمڻ تي ڪيس ختم ڪيو وڃي ڇو ته جنهن تي ڪيس آهي ان تي ڪيس هلڻ گهرجي. هن چيو ته نيب کي منهنجي خلاف به ڪيس ٺاهڻا آهن ته ٺاهي، اسان ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان اهو ناهيون جو ٻه سال عدالت ۾ ئي نه وڃون ۽ بعد ۾ معافي گهرون، جيڪو به غلط ڪم ڪندو چاهي اها نيب ئي ڇو نه هجي اسان قانون جي دائري ۾ رهندي تنقيد ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪيٽرنگ جي ٺيڪن جي انڪوائري مون روڪي هئي پر هاڻ اها آئون ڪرائيندس،  هاڻ ٻڌائيندس ته ڪنهن ڪهڙا ٺيڪا کنيا ۽ هاڻ آئون پوئتي نه هٽندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *