ڪينڊل جينر بيري کي ٽپ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

نيويارڪ(شوبز نيوز)  مشهور آمريڪي فيشن ماڊل ۽ ٽي وي پرسنلٽي ڪينڊل جينر انتهائي ڪنجوس نڪتي آهي، ان جو ثبوت ان صورت ۾ سامهون آيو آهي جو هن هوٽل جي بيري کي ٽپ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينڊل جنر نيويارڪ جي هڪ بار ۾ وئي هئي جتي کائڻ پيئڻ کانپوءِ کيس ۲۴ ڊالرن جون بل ڏنو ويو جنهن ۾ بار ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ ٽپ جي جاءِ به ڇڏي وئي هئي پر هن رڳو پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ مان ۲۴ ڊالر ادا ڪرڻ واري بل تي صحيح ڪئي ۽ ٽپ ڏيڻ واري جاءِ کي خالي ئي ڇڏي ڏنو. بعد ۾ نيويارڪ جي بار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ان بل جي ڪاپي رکي مشهور ماڊل ۽ ٽي وي پرسنلٽي کي شرمندو ڪري ڇڏيو. اها پوسٽ سامهون اچڻ بعد انٽرنيٽ تي وڏي پيماني تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو ڪينڊل جينر تي ڪافي تنقيد ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *