ڪيس تڪڙا اڪلائڻ لاءِ آرمي چيف ملٽري ڪورٽس جو انگ وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ فوجي عدالتن جو انگ وڌائڻ جي منظوري ڏيندي ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق جي آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،پاڪ فوج جي سربراهه سنڌ پوليس ۽ سڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته آپريشن جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. ڪورهيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ اعليٰ  سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي آرمي چيف ڪراچي ۾ رينجرز، پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، جڏهن ته ڪراچي پوليس کي ساڍا ڇهه ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. فوج جي سربراهه ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. جنرل راحيل شريف چيوته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته دهشتگردن ۽ مافيا جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچي پوليس جي صلاحيت وڌائڻ ۽ تربيت لاءِ ڇهه ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ويو ته ڪراچي کي دهشتگردي کان پاڪ شهر بڻايو ويندو. ان موقعي تي جنرل راحيل شريف کي ڊي جي رينجرز ميجر بلال اڪبر ڪراچي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي بريفنگ به ڏني. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ملير ڪينٽ ۾ آرمي ايئر ڊفينس سينٽرجو دورو ڪري شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري آهي. ان موقعي تي آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل ضمير الحسن شاهه کي ڪرنل ڪمانڊنٽ جا بيجز لڳايا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آرمي ايئر ڊفينس سينٽر ۾ آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب به ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *