ڪير هراسان ڪري ته چماٽ وهائي ڪڍو: مشعل خان جو مشورو

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا مشعل خان ڇوڪرين کي مشورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪير هراسان ڪري تي چماٽ وهائي ڪڍو. هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي مشعل خان چيو ته ننڍپڻ ۾ معدي جي خطرناڪ بيماري سبب موت جي منهن ۾ هلي وئي هيس هن چيو ته شاگردي واري دور ۾ منهنجو وزن تمام گهڻو وڌيڪ هوندو هو جنهن سبب شاگرد مونکي هراسان ڪندا هئا پر هڪ ڀيري مون همت ڪري هڪ شاگرد کي چماٽ وهائي ڪڍيجنهن بعد ڪير به تنگ نه ڪندو هو. هن ڇوڪرين کي به مشورو ڏنو ته رڳو هڪ ڀيرو همت ڪريو پوءِ ڪير به اوهانکي هراسان نه ڪندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *