ڪيريبين پريميئر ليگ ۾ وهاب رياض تباهي مچائي ڇڏي

جميڪا (اسپورٽس نيوز) ڪيريبين پريميئر ليگ(سي پي ايل) ۾ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض تباهي مچائي ڇڏي. ڪيريبين پريميئر ليگ ۾ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض شاندار ڪم بيڪ ڪندي نائٽ رائيڊرز خلاف آخري اوور ۾ ٻن بيٽسمينن کي آئوٽ ڪيو. وهاب رياض آخري اوور ۾ 14 رنز جو دفاع ڪندي پنهنجي ٽيم سينٽ لوشيا کي ڪاميابي ڏياري. فاسٽ بالر ان کان اڳ کيڏيل ميچ ۾ 3 اوورن ۾ 61 رنز ڏنيون هيون. واضح رهي ته ڪريبيئن پريميئر ليگ ۾ قومي ٽيم جي ڪيترن ئي رانديگرن شرڪت ڪئي، گذريل ڏينهن محمد حفيظ شاندار ففٽي ٺاهي هئي پر سندس ٽيم کي ناڪامي ملي هئي. شعيب ملڪ ڪيريبيئن پريميئر ليگ ۾ ڪابه ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *