ڪيريئر ۾ ڪڏهن به اهڙي فلم ناهي ملي جنهن ۾ پنهنجن صلاحيتن جا جوهر ڏيکاري سگهان ها: گووندا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڊانسر ۽ اداڪار گووندا جو چوڻ آهي ته کيس سندس فلمي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به اهڙي فلم ناهي ملي جنهن ۾ هو پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاري سگهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس مطابق بالي ووڊ ۾ ڦنهنجي ڪاميڊي ۽ بهترين ڊانس ڪرڻ سان مشهور اداڪار گووندا جو چوڻ آهي ته کيس پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ پروڊيوسرز ۽ هدايتڪارز پاران اهڙي ڪا به فلم ناهي ڏني وئي جنهن دوران هو پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري. هن جو چوڻ هو ته فلم نگري جي شروعات سٺي هئي جن فلمن جو هو حصو رهيو اهي ڪامياب ٿيون جڏهن ته هو مڪمل رٿابندي واريون فلمون نه هيون پر پوءِ به اهي ڪامياب ٿيون. ٻئي پاسي پنهنجي آخري فلم هيپي اينڊنگ جي حوالي سان هن چيو ته هو هدايتڪار ۽ سيف علي خان جو ٿورائتو آهي جو انهن سبب انهن جي پنجن سالن کانپوءِ ڪا فلم اسڪرين تي آئي پر اها ناڪام ٿي وئي آهي ۽ کيس ان فلم جي ناڪامي جو ڪو به ڏک نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *