ڪيريئر جي شروعات ۾ والدين حوصلو وڌايو: اليانا ڊي ڪروز

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا اليانا ڊي ڪروز چيو آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ والدين منهنجي وڏي حوصلا افزائي ڪئي. پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ 30 ورهين جي خوبصورت اداڪارا اليانا ڊي ڪروز چيو ته جڏهن مان فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ته ڪنهن به منهنجي راهه ۾ رنڊڪ پيدا نه ڪئي پر ان وقت والدين منهنجي تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪئي، هنن جو چوڻ هو ته تون ڪوشش ڪر، ڪڏهن نه ڪڏهن ڪامياب ضرور ٿينديئن. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته والدين ڪيريئر جي شروعات ۾ حوصلا افزائي ڪئي، انهن جي ڪري ئي مان ڪامياب ٿيس.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *