ڪو غلط فهمي ۾ نه رهي هر خطري جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڪنهن به طرح جي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي پوري قوم جي حمايت سان ملڪ جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪنداسين. ڀلي ان جي ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. پاڪستان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين دهشتگردي جو شڪار آهي پر پوري قوم جا حوصلا ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشوراڻي بدولت اسان صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جمعي تي کاريان ويجهو قومي دهشتگردي خاتمي واري مرڪز جو دورو ڪيو، ۽ انفرااسٽرڪچر کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ جديد ترين سهولتن جي فراهمي جو افتتاح ڪيو. نين سهولتن جو مقصد پرڏيهي ملڪن ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي ايجنسين جي وڌندڙ تربيتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي. نيون سهولتون فراهم ڪرڻ سان اين سي ٽي سي دهشتگردي خلاف بهترين تربيتي مرڪز بڻجي ويو آهي آرمي چيف کي ڪمانڊر اسٽرائيڪ ڪور ليفٽيننٽ جنرل عمر فاروق دراني پاران قومي دهشتگردي جي خاتمي واري مرڪز جي مختلف پهلوئن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هن آرمي چيف کي ٻڌايو ته هن وقت تائين هٿياربند فوج جا ٻه لک 31 هزار فوجي جڏهن ته پوليس ۽ سول آرمڊ فورسز جا 3 هزار 483 آفيسر ۽ جوان اين سي ٽي سي ۾ تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي تربيت کان علاوه ان مرڪز تي دوست ملڪن کان پنج گڏيل مشقون به ٿي چڪيون جن ۾ چين، سعودي عرب، بحرين، سريلنڪا، مالديپ ۽ ترڪي شامل آهن. ان موقعي تي مختلف ملڪن جا دفاعي اتاشي به موجود هئا. آرمي چيف قومي دهشتگردي خاتمي جي مرڪز تي تربيت فراهم ڪندڙ سمورن آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي جيڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هٿي ڏيڻ تي توجهه ڏئي رهيا آهن چيف آف آرمي اسٽاف آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڪنهن به طرح جي خطري جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *