ڪو به ماڻهو قانون کان مٿانهون ناهي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن مفاد کي اهميت نه ڏينداسين:چيف جسٽس

ڪوئٽه (م.ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هر آئيني ادارو پنهنجي ذميواري پوري ڪري. جڏهن ته انتظاميا اختيارن جون حدون اورانگهي ته عدالت کي ڪردار نڀائڻو پوندو آهي. سندس چوڻ هو ته 68 ورهين ۾ ملڪ کي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هر ادارو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري،سڀ کان وڏي ذميواري عدالت تي لاڳو ٿئي ٿي. ڪوئٽه ۾ خطاب ڪندي انور اظهر جمالي وڌيڪ چيو ته ڪو به ماڻهو قانون کان مٿانهون ناهي، عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن مفاد کي اهميت نه ڏني ويندي، بلوچستان عدالت ۾ ڪرپشن جي ڪا به جڳهه ناهي. سندس چوڻ هو ته سپريم جڊيشل جي بحالي بابت منهنجي بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو، منهنجي بيان جو قصد هو ته آئين جي مطابق فيصلا ڪيا وڃن. آئين پاڪستان جي ٽنهي ٿنڀن ۾  برابري قائم ڪري ٿو.احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي هاڪاري ڪرادر نڀائڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *