ڪوڙ ڳالهائڻ تي آسڪر ايوارڊ جو رواج هجي ها ته عمران خان حقدار هو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پپيلز پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري طلاعات ۽ سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان بدتميزي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ جو آسڪرايوارڊ هن دنيا ۾ هجي ها ته اهو عمران خان کي ضرور ملي ها. عمران خان کليل چئلينج ڪريان ٿو ته هو پيپلز پارٽي جي ڌانڌلي کي ثابت ڪري. پاڪستاني قوم عمران خان جي سول نافرماني واري تحريڪ، مني لانڊرنگ سميت بل ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ واري حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جمعرات واري رات پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان غير مهذب ۽ بدتميزي جي ذريعي ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن دليل ختم ٿي ويندا آهن ته عمران خان غير اخلاقي زبان استعمال ڪرڻ شروع ڪندو آهي. هن چيو ته عمران خان بدتميزي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ تي آسڪرايوارڊ هجي ها ته اهو عمران خان ئي ملي ها. شرجيل ميمڻ عمران خان پاران پيپلز پارٽي تي ڌانڌلي واري الزامن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان سمجھي ٿو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي ڪئي آهي ته هو ان کي عدالت ۾ ثابت ڪري. هن عمران خان کي کليل چئلينج ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ڌانڌلي کي ثابت ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تاريخ شاهد آهي ته هميشه پيپلز پارٽي خلاف چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان ماڊرن طالبان آهي ۽ هو زبردستي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ چاهي ٿو. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف بي حوده زبان استعمال ڪرڻ بند ڪري ۽ جيالن جي صبر جو امتحان نه وٺي. هن چيو ته پاڪستاني قوم عمران خان جي سول نافرماني جي تحريڪ، مني لانڊرنگ سميت بلن ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *