ڪوڙ جو راڳ الاپيندڙ ڌانڌلي جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، عوام مخالفن جي الزام کي رد ڪري ڏيکاريو:سردار اياز صادق

اسلام آباد (بيورو) نواز ليگ اڳواڻ سردار اياز صادق چيو آهي ته ڪوڙ جو راڳ الاپيندڙ ڌانڌلي جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، ننڍي چونڊ ۾ عوام مخالفن جي الزام کي رد ڪري ڏيکاريو. اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق سميت قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبر طور حلف کڻي ورتو، اياز صادق جي ايوان آمد تي ميمبرز پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي اجلاس دوران سردار اياز صادق سميت نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو. حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ڪندي سردار اياز صادق چيو ته ڪوڙ جو راڳ الاپيندڙ ڌانڌلي جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، ننڍي چونڊ ۾ عوام مخالفن جي الزام کي رد ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته مخالفن پاران مٿس مڙهيل الزام اين اي 122 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڪوڙا ثابت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هــُـو سياسي پارٽين پاران حمايت تي سندن ٿورائتو آهي. سردار اياز صادق چيو ته ڌرڻن دوران ملڪي معيشت کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو، جڏهن ته پاڪستان جي ساک به متاثر ٿي. اياز صادق چيو ته ڌانڌلين جا الزام مڙهيندڙن جي ڌرڻن دوران ملڪ کي پهتل نقصان جي ذميوار ڪير ته کڻي عوام کي جواب ڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *