ڪوٽ لکپت جيل تي حملي جو منصوبو ناڪام ، 2 عورتون ۽ هڪ نوجوان گرفتار

لاهور(بيورو) پوليس ۽ حساس ادارن ڪارروائي ڪري ڪوٽ لکپت جيل تي حملي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو لاهور ۾ واقع ڪوٽ لکپت جيل سان لاڳاپيل علائقي فريد ڪالوني ۾ حساس ادارن ۽ پوليس ڪارروائي ڪري 2 عورتن ۽ هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ترجمان مطابق خفيه اطلاع تي سرچ آپريشن دوران دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته انهن وٽان هڪ راڪيٽ لانچر بيگ، بم ناڪاره بڻائيندڙ فارمولو، ڪوٽ لکپت جيل جو نقشو، سي سي ٽي وي ڪيمرا، آرمي جيڪٽ، 6 موبائيل فون، ڪيتريون ئي سمون، ليپ ٽاپ ۽ تير ڪمان هٿ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *