ڪوٽ راڌا ڪشن سانحو: چالان عدالت ۾ پيش، 59 ڄڻا واقعي جي ذميوار قرار

لاهور(م.د) لاهور پوليس ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي 59 ڄڻن کي سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو لاهور پوليس ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش
ڪندي 59 ڄڻن کي سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي 24 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن کي پيش ڪيو. ٻڌڻيءَ دوران پوليس ڪيس جو چالان پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ 59 ڄڻن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو. چالان پيش ڪرڻ بعد عدالت، جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *