ڪوٽڏيجي ڀرسان ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪنب(رپورٽر ) ڪوٽڏيجي ڀرسان ديھ سوهو اسٽاپ لڳ ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت هڪ زخمي خبر موجب ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ديھ سوهو اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ مسمات شريفا چانڊيو مسمات ريشما چانڊيو ۽ لطيف چانڊيو فوت ٿي ويا جڏھن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو حادثي جو شڪار خاندان ڪنب جي ڳوٺ بنگل خان چانڊيو مان موٽر سائيڪل تي خيرپور وڃي رهيا هئا ته ديھ سوهو اسٽاپ ڀرسان حادثي ۾ فوت ٿي ويا فوتين جا لاش ڳوٺ بنگل خان چانڊيو ۾ گهر اندر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو ڪوٽڏيجي پوليس ويگن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ويگن ڊرائيور فرار ٿي ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *