ڪوهلي، ٽنڊولڪر جو سئو سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو: شين وارن

 

دهلي(اسپورٽس نيوز) آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر شين وارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جلد سچن ٽينڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي وٺندو. سچن ٽينڊولڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 51 ۽ ون ڊي ۾ 49 سينچريون ٺاهي سينچرين جي سينچري ڪرڻ جو اعزاز ماڻيو هو. هن اهو رڪارڊ 200 ٽيسٽ ۽ 463 ون ڊي ميچز کيڏي قائم ڪيو. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شين وارن چيو ته سچن ٽينڊولڪر جو رڪارڊ هڪڙو بيٽس مين ٽوڙي سگهي ٿو ۽ اهو آهي ويرات ڪوهلي. هن چيو ته ويرات ڪوهلي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ميچز ۾ 68 سينچريون ٺاهي چڪو آهي، جلد رڪارڊ ٽوڙي وٺندو، ٽنڊولڪر جو اهو رڪارڊ خطري م آهي. هن چيو ته سچن ٽينڊولڪر کان پڇجي ته اهو به اهو ئي چوندو ته ڪوهلي سندس رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿو. ٽينڊولڪر کي چوان ٿو ته ڏس ويرات اچي رهيو آهي، هن چيو ته ڪرڪيٽ جي سمورن فارميٽس ۾ ڪوهلي بهترين بيٽس مين آهي پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ آسٽريليا جو اسٽيو اسمٿ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. واضح رهي ته ويرات ڪوهلي 79 ٽيسٽ ميچز ۾ 25 ۽ 239 ون ڊي ميچز ۾ 43 سينچريون ٺاهي چڪو آهي. ان کانپوءِ اسٽيو اسمٿ 66 ٽيسٽ ميچز ۾ 25 ۽ 118 ون ڊي ميچز ۾ 23 سينچريون ٺاهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *