ڪوهاٽ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙي سميت 3 عورتون فوت

ڪوهاٽ (م.ڊ) ڳڙهي بهرام خان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙي سميت 3 عورتون دٻجي فوت ٿي ويا. ڪوهاٽ جي علائقي ڳڙهي بهرام خان ۾ طارق خان نالي  شخص جي گهر جي ڇت اچانڪ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ طارق خان جون ٻه ڀينرون 18 سالا هما ۽ 30 سالا سفينا ۽ ڀائٽيي 8 سالن جي نورين ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويون. واقعي جي اطلاع ملندي ئي گهر وارن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪمن  جو آغاز ڪيو. ٽنهي عورتن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن انهي ٽنهي جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *