ڪولمبو ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کان پهرين ڀرپور پريڪٽس

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز): ڪولمبو ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کان پهرين پريڪٽس ڪئي، ڪپتان شاهد آفريدي جي اڳواڻي ۾ ٽيم جي سڀني رانديگرن بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي. سريلنڪا خلاف مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ ٽيسٽ ۽ اظهر علي جي قيادت ۾ ون ڊي سيريز کٽيندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ايندڙ امتحان سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز آهي،ٻن ميچن واري سيريز جي پهرين ميچ خميس تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ کاٻڙيل فاسٽ بالر ضياءُ الحق کي پهريون ڀيرو شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيٽسمين نعمان انور، سهيل تنوير ۽ عمر اڪمل به ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. شعيب ملڪ، انور علي، محمد حفيظ، مختار احمد ۽ احمد شهزاد سوڌو ٻيا رانديگر به ون ڊي ٽيم سان گڏ سريلنڪا ۾ موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *