ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست نٿي بڻجي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملتان ۾ گرفتار ڪيل پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب ۾ ٿيندڙ پيپلزپارٽي جي يوم تاسيس کان ڊنل آهي 30 نومبر تي ملتان ۾ ضرور جلسو ٿيندو. ٽيوٽر تي بلاول ڀٽو زرداري قاسم گيلاني جي گرفتاري جي وڊيو ٻيهر ٽوئٽ ڪئي آهي بلاول ڀتو زرداري پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ وڊيو ٻيهر ٽوئٽ ڪندي لکيو ته ڪوفي جي سياسي سان مديني جي رياست نٿي ٺهي سگهي پي ٽي آءِ حڪومت ملتان ۾ پيپلزپارٽي جي يوم تاسيس کان ڊنل آهي حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪارڪنن تي حملو ڪيو ۽ قاسم گيلاني سميت اسان جي مختلف ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ڀلي ڇا به ٿئي اسان 30 نومبر تي پي ڊي ايم جي ميزباني ڪنداسين بلاول ڀتو زرداري چيو ته آصفه ڀٽو زرداري منهنجي نمائندگي لاءِ ملتان پهچي رهي آهي جلسو ته ضرور ٿيندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *