ڪوشش آهي ته آئيني ترميمن تي اتفاق راءِ پيدا ٿي سگهجي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 21 هين آئيني ترميم جي حوالي سان جن سياسي اڳواڻن کي خدشا آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي اعزاز ۾ ڏنل ناشتي دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿي، آئيني ترميمون غير معمولي حالتن ۾ غيرمعمولي قدم آهي، اسيمبلي ميمبر پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ وڄي عوام کي ان غير معمولي قدمن بابت آگاهه ڪن، وزيراعظ۾ جو چوڻ هو ته سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن ٻيون سياسي پارٽيون به اسان سان تعاون ڪن. دهشتگردي جو خاتمو ۽ امن امان جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي، غير معمولي حالتون آهن، انڪري فوجي عدالتون ضروري آهن. وزيراعظم نوازشريف چيو ته هو دهشتگردي خلاف متحد آهن ۽ متحد ٿي ڪري دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته سمورا اتحادي ساڻن گڏ آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اختلاف آهن ته ايوان ۾ پيش ڪري. امن امان جي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ غير معمولي حالتون آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ فوجي عدالتون ضروري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *