ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، يمن صورتحال تي ڳڻتي ظاهر

راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني، ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال ۽ فوج جي پيشيوراڻن معاملن جو جائزو ورتو ويو عسڪري قيادت آپريشن ضرب عضب تي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر ۽ خاص طور تي يمن جي صورتحال تي به تفصيلي غور ڪيو ويو عسڪري قيادت پاران يمن جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چوڻ هو ته مسئلو ايئن ئي جاري رهيو ته ان سان خطي تي گهرا اثر پوندا آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران ڪانفرنس کي خطاب ۾ چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي نئين جذبي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهترين نتيجن لاءِ نيشنل ايڪشن  پلان تي ان جي روح مطابق عمل ڪرڻو پوندو آرمي چيف هدايت ڪئي ته انٽيليجنس جي بنياد تي جاري آپريشنز کي وڌيڪ تيز ڪندي دهشتگردن ۽ ان جو ساٿ ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهرن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ختم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *