ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس، قومي سلامتي سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ قومي سلامتي سميت اهم معاملن تي  ويچاريو  پيو  وڃي. جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ جاري پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس جي صدارت پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف ڪري رهيو آهي. ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس ۾ سڪيورٽي صورتحال، پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ ملڪ جي قومي سلامتي صورتحال تي غور ڪيو   پيو  وڃي. ذريعن موجب، ڪانفرنس ۾ دهشتگردن خلاف جنگ آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن خيبر ون جي ڪاميابين تي به غور ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *