افغانستان کي شڪست ڏيڻ ۽ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صلاحيت رکون ٿا: اعجاز احمد

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ اعجاز احمد چيو آهي ته افغانستان جي خلاف ميچ جي لاءِ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ناهيون ۽ ماضي جي شڪستن کي وساري سڀاڻي جي ميچ جي لاءِ ميدان ۾ لهنداسين.رپورٽ موجب آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڏکڻ آفريڪا ۾ جاري آهي  ۽ سڀاڻي بينوئي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي انڊر 19 ٽيمن جي وچ ۾ چوٿون ڪوارٽر فائنل کيڏيو ويندو.  پاڪستان انڊر 19 کي شروعاتي ميچن ۾ افغانستان کان مليل شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو.پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ اعجاز احمد ان حوالي سان چيو آهي ته جن ميچن ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو اهي هاڻ ماضي جو حصو آهن. ان شڪستن جي ڪري نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ناهيون. هاڻ هي هڪ نئون ميچ آهي ان ميچ جي ڪافي تياري ڪري ورتي آهي. هن چيو ته ڪپتان روحيل نذير ۽ حيدر علي ايمرجنگ ٽيم ۾ شامل هئا. جنهن بنگلاديش ۾ افغانستان کي به شڪست ڏني.ٻئي بهترين رانديگر آهن انهن جو تجربو ڪم ايندو. قومي ٽيم جي ڪوچ چيو ته ٻنهي رانديگرن کان اڃان هن ايونٽ ۾ رنسون ناهن ٺهيون پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هو آئوٽ آف فارم آهن انهن کان هڪ ميچ ۾ رنسون نه ٺهيون. روحيل نذير ۽ حيدر علي کان علاوه  ٻين رانديگرن کي سٺي راند کيڏڻ جو موقعو مليو. محمد حارث، قاسم اڪرم، فهد منير ۽ عرفان نيازي سميت سمورا رانديگر فارم ۾ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *