ڪورونا ڪراچي بعد حيدرآباد پهچي ويو، 2 ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ انگ 15 ۽ ملڪ ۾ 18 ٿي ويو

ڪراچي (م.ڊ) ڪراچي سان گڏ حيدرآباد ۾ ڪورونا جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي. وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو. صحت کاتي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڪورونا جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا جو متاثر ايران ۽ حيدرآباد ۾ متاثر شام ملڪ کان پهتو هو. ٽيسٽ رپورٽس ۾ ٻنهي ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. اهڙي ريت وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي.   ٻئي طرف  سنڌ جي اطلاعات، مڪاني ادارن، ٻيلن، ۽ جھنگلي حيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس جي حوالي سان موثر ۽ پڪا اُپاءَ وٺي رهي آهي. جڏهن ته ٻاهرين ملڪ کان ايندڙن جو ڊيٽا جمع ڪيو پيو وڃي عوام کي گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي. ڪورونا وائرس جي ڪري ڪنهن به مئچ کي ملتوي نٿو ڪيو وڃي پي ايس ايل جا سمورا مئچ شيڊيول جي مطابق ڪراچي ۾ ٿيندا ڪرڪيٽ جي شوقينن کي مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي جن ڪيسن جي نشاندهي ٿي آهي انهن مان ڪنهن جو به تعلق چائنا يا ايران سان ناهي جڏهن ته ٽي مريض جن جي نشاندهي ٿي آهي اهي ايمريٽيس جي فلائيٽ سان لنڊن مان آيا آهن. جڏهن ته دبئي جي ذريعي ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ جي اسڪريننگ جو انتظام آهي ۽ سمورا ضروري اُپاءَ مڪمل آهن. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان جي عوام کي ڪورونا وائرس کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي پر ان جو گڏجي يڪجهتي سان مقابلو ڪرڻو آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي طبيعت مرحليوار بهتر ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان وزير اعليٰ سنڌ پاڻ سمورين هالتن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان قائم ڪيل ٽاسڪ فورس جي روزانو جي اجلاسن جي پاڻ صدارت ۽ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي. سمورا لاڳاپيل کاتا ان حوالي سان انتهائي هائي الرٽ آهن ۽ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن ان ڪري منهنجي عوام کي گذارش آهي ته هو ان وائرس کان ڊڄڻ جي بجائي ڊاڪٽرن جون ٻڌايل احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ انهن حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين هن چيو ته ڪورونا وائرس بابت سوشل ميڊيا تي تمام گھڻو خوف پکيڙيو پيو وڃي جڏهن ته ان ۾ ڪا به صداقت ناهي. عوام کي اپيل ڪئي ٿي وڃي هو افواهن تي ڪن نه ڏين سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ مڪمل طور تي هوشيار ۽ پر عزم آهي ۽ ڏينهن رات عوام جي سارسنڀال لاءِ جديد طرز جو تدبيرون ڪري رهي آهي.           

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *