ڪورونا وگھي وڌيڪ 30 مريضن فوت، 8 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: (م.ڊ) ملڪ ۾ ڪورون وبا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن هڪ ڏينهن دوران مثبت ڪيسز جي شرح 11.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 30 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 192 ٿي ويو.پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 2 هزار 70 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 هزار 183 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 71 هزار 925، سنڌ ۾ 5 لک 35 هزار 965، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 89 هزار 300، بلوچستان ۾ 34 هزار 187، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 590، اسلام آباد ۾ هڪ لک 2 هزار 648، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 36 هزار 465 ڪيسز رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 48 لک 22 هزار 901 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 68 هزار 624 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا.هينئر تائين 12 لک 74 هزار 657 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار 353 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.  ٻئي طرف  پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جا وار جاري آهن، اسلام آباد جي پمز اسپتال جا 260 ڊاڪٽر ۽ نرسون ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويون آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته وڏي انگ ۾ عملو ڪورونا جو شڪار ٿيڻ سبب پمز اسپتال ۾ او پي ڊيز جا وقت گهٽ ڪيا ويا آهن ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر(ڊي ايڇ او) زعيم ضياءَ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ هڪ ڏينهن دوران 1550 مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي ۽ مثبت ڪيسز جي شرح 17.13 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.ٻئي طرف پولي ڪلينڪ اسپتال راولپنڊي ۾ او پي ڊي 31 جنوري تائين بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ سبب راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *