ڪورونا وبا، ايڌي فائونڊيشن پاران ڀارت کي امداد جي آڇ

ڪراچي (اين اين آءِ) ڀارت ۾ ڪرونا وائرس جا وڌندڙ ڪيس، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ آڪسيجن گهٽجڻ سبب ماڻهن جي موت تي ڏکئي وقت ۾ خيرسگالي جي جذبي تحت ايڌي فائونديشن پاران ڀارت کي امداد جي آڇ ڪئي ويئي آهي ان حوالي سان ايڌي جي سربراهه فيصل ايڌي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي خط لکيو آهي جيڪو اسلام آباد ۾ ڀارتي سفارتخاني حوالي ڪيو ويو خط ۾ ڀارت ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسن ۽ فوتگين تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي فيصل ايڌي چيو ته ڪرونا وائرس جي مشڪل حالتن ۾ ڀارتي عوام جي مدد لاءِ تيار آهيون ايمرجنسي ميڊيڪل ٽيڪنيشن، ڊرائيور، آفيس ۽ سپورٽنگ اسٽاف مدد ڪندو ڀارتي حڪومت جي تجويزن موجب ايڌي ٽيم ڪنهن به حساس علائقن ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي فيصل ايڌي پنهنجي خط ۾ ڀارتي وزيراعظم کي ڪرونا وائرس جي مريضن جي چرپر لاءِ 50 ايمبولنسز فراهم ڪرڻ جي به آڇ ڪئي اهي. واضح رهي ته ڀارت هن وقت ڪرونا وبا سبب بدترين صورتحال ۾ آهي روزانو لکن جي انگ م ڪرونا جا نوان مريض ظاهر ٿي رهيا آهن ڪيترن ئي رياستن ۾ اسپتالن ۾ ڪرونا متاثرن لا3 جڳهه نه اهي جڏهن ته ڪيترن ئي اسپتالن ۾ آڪسيجن نه هئڻ سبب مريض پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *