ڪورونا ضابطي کان ٻاهر، هلندڙ سال هڪ ئي ڏينهن رڪارڊ 114 فوتگيون رڪارڊ

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب مسلسل ڇهين ڏينهن 100 کان وڌيڪ فوتگيون، جڏهن ته هلندڙ سال هڪ ئي ڏينهن سڀ کان وڌيڪ 114 فوتگيون سامهون آيون آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 114 ڄڻا فوت ٿي ويا، جيڪو هلندڙ سال هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ فوتگين جو سڀ کان وڏو انگ آهي. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون ايندڙ فوتگين کانپوءِ ملڪ ۾ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 15 هزار 443 تي پهچي ويو آهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 5050 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، ائين وبا سان متاثرن ٿيندڙن جو مجموعي انگ 7 لک 21 هزار 18 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 73 هزار 875 آهي. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4139 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو گڏيل انگ 6 لک 31 هزار 700 ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *