ڪورونا سبب فوتگين بابت ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو

ڪراچي (م.ڊ) ڪورونا جي فوتگين بابت صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ هڪ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي،  رپورٽ موجب ڪورونا ۽ ان جي اثرن سبب سڄي دنيا ۾ 15 لک فوتگيون ٿيون آهن، پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو جيڪو انگ سرڪاري ڏيکاري ويوان کان 8 ڀيرا وڌيڪ فوتگيون ٿيون، اهو ئي نه پر مصر، ڀارت، ميڪسيڪو ۽ ٻين ملڪن ۾ به ڪورونا سبب گهٽ فوتگيون ٻڌايو ويون آهن، ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوتگيون سرڪاري انگن اکرن کان 10 ڀيرا وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن،  ڪورونا وائرس سبب اصل ۾ هندستان ۾ 47 لک ماڻهو موت جو شڪار بڻيا پر ظاهري طور تي صرف 5 لک ٻڌايو ويو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *