ڪورونا جو نئون وائرس امڪاني طور ڪنهن جانور مان ئي انسان تائين منتقل ٿيو: ڊبليو ايڇ او جو نئون انڪشاف

جنيوا (اين اين آءِ) صحت جي عالمي اداري هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا جو نئون وائرس امڪاني طور ڪنهن جانور مان ئي انسان تائين منتقل ٿيو آهي. ڊبليو ايڇ او موجب اهو وائرس چمڙن مان ڪنهن جانور کي لڳو ۽ پوءِ انسانن تائين پهچڻ جو ڪارڻ بڻيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جا امڪان انتهائي گهٽ آهن ته اهو وائرس ڪنهن ليبارٽري مان نڪتو. واضح رهي ته ڊبليو ايڇ او جي ماهرن ڪورونا وائرس جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ فيبروري ۾ چين جي شهر ووهان مان شروع ڪئي هئي، جتي اهو وائرس سڀ کان اڳ ۾ دريافت ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *