ڪورونا جا وار جاري، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تعليمي ادارا 28 اپريل تائين بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت ڪورونا وبا جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکندي مختلف شهرن ۾ ٻن هفتن لاءِ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي مٽجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ماسڪ پائڻ تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، واپاري سرگرميون رات جو 10 وڳي بند ڪرڻ جي حد نافذ ڪئي وئي آهي، 15 مارچ کان شادي هال، انڊور ڊائننگ ۽ سينيما گھرن ۽ زيارتن کي کولڻ جي اجازت ڏيڻ جي پهرين فيصلي کي واپس ورتو ويو. اين سي او سي اجلاس ۾ ان ڊور شادي تقريبن ۽ کائڻ جي اجازت واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته آئوٽ ڊور کاڌن ۽ ٽيڪ اوي جي سهولت موجود هوندي، ٻاهريان ميڙاڪا ڪورونا ايس او پيز جي سختي سان گڏ وڌ کان وڌ 300 ماڻهن تائين محدود رهندا. کان کان سواءِ 15 مارچ کان سينيمار گھر ۽ مزارون کولڻ جو فيصلو به واپس ورتو ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريٽنگ سينٽر جي اجلاس کان پوءِ تعليمي بابت وفاقي وزير شفقت محمود سان گڏ وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي پکيڙ وڌي رهي آهي، ڪيس وڌڻ سان اسپتالن تي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويندو آهي، گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح ۾ وڌا اضافو ٿيو آهي، شهري گھر کان ٻاهر فيس ماسڪ هر صورت استعمال ڪن. ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ملازمن جي گھر کان ڪم ڪرڻ جي پاليسي جاري رهندي، تفريحي هنڌ شام جو 6 وڳي بند ڪيا ويندا، موجود صورتحال کي ڏسندي شادي هالن ۽ سينيما گھرن نٿو کولي سگھجي. سينيما هالن کي 15 مارچ کان کولڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي، هوٽلن جي اندر کائڻ تي به پابندي هوندي جڏهن ته شادي هالن جي حوالي سان به پاليسي برقرار رهندي. ان کان سواءِ سمورين واپاري سرگرمين تي رات جو 10 وڳي جي وقت جي حد به نافذ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي شفقت محمود چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حالتون تقريبن ٺيڪ آهن پر پنجاب، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۾ مسئلا نظر آيا آهن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 50 سيڪڙو ٻار اسڪول ويندا، اسلام آباد، فيصل آباد، گجرانوالا، لاهور، گجرات، ملتان، راولپنڊي، سيالڪوٽ ۽ پشاور ۾ تعليمي ادارا 15 مارچ سومر ڏينهن کان ٻن هفتن لاءِ بند ڪيا ويا آه، سڀئي تعليمي ادارا 28 مارچ تي ٻيهر کلندا. جن ادارن ۾ امتحان ٿي رهيا آهن اهي جاري رهندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *