ڪورم پورو نه هجڻ تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي، قانون کي ٿڏو هڻي اجلاس ملتوي ڪيو ويو: ايم ڪيو ايم

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ڪورم پورو نه هجڻ تي سنڌ اسيمبلي جو اجلسا سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اسيمبلي اجلاس ملتوي ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو،  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 10 بجه شروع ٿيڻو هو جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اسيمبلي ۾ پهتو ته صرف 3 ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا جنهن تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس سومر  تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن اجلاس کي ملتوي ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ايم اڪيو ايم اڳواڻ سردار احمد چيو ته اڄ نه پهرين گهنٽي وڄائي وئي نه ٻئين، آئين مطابق اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو غلط آهي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چي وته ڪورم پورو ڪرڻ حڪومتي مميبرن جو ڪم آهي  سنڌ اسيمبلي جي قانون کي ٿڏو هڻندي اجلاس ملتوي ڪيو ويو خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت فرار واري راهه اختيار ڪئي آهي اسان پنهنجا مطالبا ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ اٿارينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *