ڪوبه شخص الطاف حسين جي بيانن جو ڪنهن به صورت دفاع نٿو ڪري سگهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جي چڙ ڏياريندڙ بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوبه شخص الطاف حسين جي بيانن جو ڪنهن به صورت دفاع نٿو ڪري سگهي آئين ۽ قانون موجود آهي جنهن کي پنهنجو رستو بنائڻ گهرجي برطانيا ۾ مني لانڊرنگ ڪيس هلي رهيو آهي الطاف حسين برطانوي حڪومت جي خلاف ڇو بيان ناهن ڏنا هڪ انٽرويو ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڪوئي ٻيو شخص هي بيان ڏي ها ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خود ان جي مذمت ڪن ها هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجود آهي جنهن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو رستو بنائڻ گهرجي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته جيستائين الطاف حسين رياستي ادارن جي خلاف پنهنجي بيانن تي قائم آهي ان وقت تائين هي ناقابل معافي جرم آهي هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ڪراچي ۾ عيدالفطر جي سڄي رات مارڪيٽ کليل رهيا ۽ اتان جي عوام 70 ارب رپين جي عيد تي خريداري ڪئي هن چيو ته ڪراچي ۾ سندس تازي دوري دوران ڪراچي جي رستن تي جيڪي ماڻهو ان سان مليا انهن حڪومت جي قيام امن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ بنا فرق آپريشن جاري آهي جيڪو قومي مفاد ۾ ۽ ڏوهارين جي خلاف آهي هن چيو ته جڏهن هڪ آزاد ميڊيا ۽ عدليه موجود آهي ته ڪنهن جي خلاف ظلم يا ڪنهن مخصوص جماعت جي خلاف امتيازي ورتاءُ ڪيئن ممڪن آهي وفاقي وزير چيو ته الطاف حسين جي خلاف لنڊن ۾ مني لانڊرنگ جو ڪيس قائم ٿيو ته هن برطانوي حڪومت جي خلاف ڇو بيان نه ڏنا وفاقي وزير چيو ته هڪ جمهوري حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ايم ڪيو ايم هڪ ڊڪٽيٽر جا هٿ مضبوط ڪيا جنهن ان پارٽي کي نئين زندگي ڏني هن چيو ته الطاف حسين جي تقرير آئين پاڪستان جي خلاف ورزي آهي وفاقي وزير چيو ته منهنجا الطاف حسين سان ڪي ذاتي اختلاف نه آهي پر ان جي تقرير سخت مذمت جوڳي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *