ڪوبه جج يا عدالت دهشتگردي خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ تيار نه هئا،21 هين ترميم ذريعي فوجي عدالت مجبوري هئي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪوبه جج يا عدالت دهشتگردي خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ تيار نه هئا، ان ڪري مجبوري ۾ 21 هين ترميم ذريعي فوجي عدالتن جي منظوري ڏني وئي، ڪرپشن ۽ دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ضروري آهي پر ڪارروائي بنا فرق جي ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ آپريشن ضرب عضب بابت ڪانفرنس کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته سوچڻ گهرجي ته دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف ڪارروائي جي هاڻي ضرورت ڇو پئي آهي. هن چيو ته ملڪ کي پر امن بڻائڻ لاءِ دهشتگردن جي پاڙ پٽي وڃي،  آپريشن ضرب عضب هجي يا ٻيو ڪو طريقو دهشتگردي جو خاتمو ضروري آهي. خورشيد شاهه چيو ته سياستدانن تي ڪرپشن ۽ دهشتگردي جا الزام لڳائڻ ظلم آهي، ڪرپشن ۽ دهشتگردي جو خاتمو چاهيون ٿا پر ڪارروايون بنا فرق جي ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ڌمڪين باوجود پاڪستان واپس آئي، ان جمهوريت ۽ عوام جي پنهنجي جان جي قرباني ڏني، بي بي کي چوان ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ تنهنجو قاتل هڪ ئي آهي. خورشيد شاهه چيو ته فوجي عدالتون جمهوري روايتن جي خلاف آهن پر ڪو به جج يا عدالت دهشتگردي خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري 21 هين ترميم ذريعي مجبوري ۾ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *