ڪوئي غلط فهمي ۾ نه رهي، موقف تان پوئتي نه هٽنداسين، جوڊيشل ڪميشن نه ٺهيو ته پاڪستان جو هر شهر بند ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان واضح ڪيو آهي ته ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي موقف تان پوئتي نه هٽينداسين، جوڊيشل ڪميشن نه ٺهيو ته پاڪستان ج هر شهر بند ڪري سگهون ٿا، نئون خيبرپختونخواهه ٺاهڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين، راڻا ثناءُ الله 2015 ۾ جيل ۾ هوندو، ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو ۽ ڪنهن ساٿ ڇڏيو هو مون کي سڀ ياد آهي، حڪومت عوام کي پهريائين مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو آهي، عوام لاءِ اهنج پيدا نه ڪنداسين،قوم کي ورهائڻ نٿا چاهيون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حڪومت سان مڪمل تعاون ڪنداسين، ڪنهن قسم جي رنڊڪ پيدا نه ڪنداسين، قبائلي علائقن ۾ امن جي چاٻي قبائلي ماڻهن وٽ آهي، قبائلي علائقن لاءِ نئون قانون آڻينداسين، آچر تي ڌرڻا ڪنويشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان کي چيو ويو ته اسڪرپٽ لکيل آهي ۽ ان مطابق هلي رهيا آهيون، هن چيو ته آئين اسٽائين به اهڙي اسڪرپٽ نٿو لکي سگهي، 126 ڏينهن تائين ماڻهو مسلسل ايندا رهيا ۽ جنهن شهر ۾ ماڻهن کي گهرايو آيا، ڌرڻن ۾ شرڪت تي عورتن ۽ شهرين جو ٿورائتو آهيان، ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتون مردن کان وڌيڪ هيون، جڏهن هڪ عورت جاڳندي آهي ته پورو گهر جاڳندو آهي، تبديل تڏهن ايندي آهي جڏهن نوجوان ۽ عورتون سجاڳ ٿينديون آهن، روئيداد هر ڌرڻي ۾ پهتو جنهن تي ان جو مان ٿورائتو آهيان، ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ڪوريج دوران صحافين جي زندگي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي، هن پيلٽ فارم ورڪنگ جرنسلٽس جو آواز اٿاريون ٿا ۽ انهن کي حق ڏنا وڃن، هن چيو ته پشاور سانحي ڏينهن اسپتال پهتس، زخمين کي ڏسي گهڻي تڪليف ٿي، ٻارڙن کي سوچي سمجهي شهيد ڪيو ويو، 16 ڊسمبر کانپوءِ منهنجو ذهن نه پيو مڃي ته هيڏي سانحي کانپوءِ احتجاج ڪيون، شهيد ٻارڙن جي والدين تي جيڪو ڪجهه گذريو آهي ان کي گهٽائڻ نهايت مشڪل آهي، اسان کي پنهنجن ٻارڙن جي والدين جو ڏک گهٽائڻو آهي، هر حال ۾ گهٽائڻ گهرجي، صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو شهيد ٻارڙن جي والدين سان ملي ۽ مان ٻيهر والدين سان ملندو، هن چيو ته اهو ڪوئي سمجهي ٿو ته اسان پنهنجي موقف تان پوئتي هٽي ويا آهيون، اهو غلط فهمي ۾ نه رهي، هن چيو ته اسان جي جوانن کي شهيد ڪيو ويو، جهلم ۾ گلو بٽن گوليون هلايون، اسان زخمي نوجوان نعمان جو بهتر کان بهتر علاج ڪرائينداسين، هن چيو ته جهلم ۾ 6 نوجوانن تي گوليون هلايون ويون، فيصل آباد ۾ حق نواز کي شهيد ڪيو ويو، ٻنهي جي قاتلن کي جيل ۾ نه وڌو ويو، اسان قاتلن کي جيل ۾ وجهينداسين، هن چيو ته فيصل آباد ۾ حق نواز کي گولي هڻندي ڏٺو ويو، واقعي ۾ راڻا ثناءُ الله کي ڪنهن به نه پڪڙيو پر اسان جي ماڻهن تي شاهدي وجهڻ لاءِ پريشر وڌو پيو وڃي، پاڪستان جي جمهوريت لاءِ نڪتا هئاسين، اسان کي ڌرڻي مان سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيو جو قوم سجاڳ ٿي وئي، هن چيو ته جمهوريت ۾ حڪمران پنهنجي عوام تي پيسو خرچ ڪن ٿا، جمهوريت تي ميٽرول تي تمام گهڻي رقم خرچ نٿي ڪئي وڃي، هن چيو ته عورتن جي حقن لاءِ اين جي اوز ٺهيل هيون پر تحريڪ انصاف عورتن کي مضبوط ڪيو ۽ هنن فيصلو ڪيو ته اسان به نئون پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديوسين، الله جو شڪر آهي جو قوم جاڳي پئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جو انصاف جو نظام ڪم نه پيو ڪري، 30 آگسٽ تي پوليس کي غلط استعمال ڪيو ويو، ان دوران ڪيترن ئي اهلڪارن عوام تي تشدد کان انڪار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *