ڪوئيٽا ۾ ٻن گروپن وچ ۾ جهڙپن دوران 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا (م.ڊ) قمبراڻي روڊ تي 2 ڏوهاري گروپن وچ ۾ جهڙپن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪوئيٽا جي قمبراڻي روڊ تي منشيات وڪرو ڪندڙ ٻن گروپن وچ ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو ۽ ٻنهي گروپن هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ته اهو به رستي ۾ فوت ٿي ويو، پوليس ۽ ايف سي علائقي ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪندي واقعي ۾ ملوث ٻنهي گروپن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *