ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هزاره برادري جا 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪترائي زخمي

ڪوئيٽا(بيورو) ڪوئيٽا کي دهشتگردن هڪ ڀيرو وري نشانو بڻايو آهي ۽ دڪان تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هزارا شيعا برداري جا 5 ڄڻا مارجي ويا آهن، رپورٽ موجب موٽرسائيڪل تي سوار دهشتگردن ڪوئيٽا جي ميزان چوڪ ۽ سرڪلر روڊ تي قائم دڪانن تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اکين ڏٺن شاهدن مطابق مارجي ويلن ۾ پيءُ پٽ به شامل آهن. واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ پهچي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جنهنن کانپوءِ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، دهشتگردي جي واقعي خلاف متاثر علائقن جي دڪاندارن ۽ واپارين احتجاج طور دڪان ۽ بازارون بند ڪري ڇڏيون، پوليس سڄي شهر جي ناڪابندي ڪري دهشتگردن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *