ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 9مسافر قتل

ڪوئيٽا (م.ڊ) ڪوئيٽا جي مقامي علائقي هزاره گنجي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا قتل هڪ زخمي ٿي پيو واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي ويئي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو واقعي جي خلاف هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي شٽرڊائون هڙتال جو سڏ ڏنو صدر ممنون حسين، وزيراعظم نوازشريف ۽ وزيراعليٰ ڊاڪٽر عبدالمالڪ واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي آخري انجام تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي جڏهن ته گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. خميس تي هزاره گنجي جو علائقو هزاره ٽائون جي ڀاڄيون وڪرو ڪندڙن لاءِ ان وقت مقتل گاهه بڻجي ويو جڏهن هو معمول مطابق ڀاڄيون ۽ ميوو خريد ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجي علائقن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار هئا ڪجهه سبزي وڪرو ڪندڙ پنهنجو سامان بس ۾ رکي ويهڻ وارا هئا ۽ ڪجهه جو سامان رکيو پيو ويو انهيءَ وقت ڪجهه نقاب پوش اتي پهتا ۽ بس تي انڌاڌند فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار 9 ڄڻا گولين جو نشانو بڻجي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *