ڪوئيٽا ۾ باچا خان چوڪ ويجهو بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 16 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا شهر جي ڪاروباري علائقي باچا خان چوڪ تي بم ڌماڪو، هڪ شخص فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿيا، تفصيل مطابق آچر جي منجهند باچا خان چوڪ جيڪو ميزان چوڪ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، اتي بم جو ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ هڪ شخص فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿيا جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي، ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ويجهن عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، ڪيترن گاڏين کي نقصان ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌو ويو، ڌماڪو بلديا پلازه ويجهو ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *