ڪوئيٽا جلسي کان پوءِ ويجهن ساٿين کي گرفتاري جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن: مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪوئيٽا جلسي کان پوءِ ان جي ويجهن ساٿين کي گرفتاري جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته مريم چيو ته منهنجن ويجهن ساٿين کي اڻ ڄاتل نمبرن سان ٽيليفون ڪالز ڪيون پيون وڃن ۽ کين چيو پيو وڃي ته گجرانوالا جلسي ۾ خطاب کان پوءِ وڏي ڪريڪ ڊائون لاءِ تيار ٿي وڃون مان پاڪستان جي عوام کي چوڻ چاهيان ٿي ته ان جا گواهه رهو ۽ ان کي رڪارڊ طور تي رکو مريم نواز جي ٽوئٽ تي شهباز گل ردعمل ڏيندي چيو ته ليگي اڳواڻ سيڪيورٽي ادارن سان رابطو ڪندا؟ جن کي ڌمڪيون مليون، انهن جي فون جا فرانزڪ ڪرائيندا ته جيئن ڌمڪيون ڏيندڙن تائين پهچي سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *