ڪوئيٽا:ڊي ايس پي جي گاڏي تي فائرنگ ۽ نوحصار ۾ آپگهاتي حملو، 6 ايف سي اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي ٻهراڙي واري علائقي نوحصار ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب آپگهاتي حملو ڪوئيٽا جي ٻهراڙي واري علائقي نوحصار ۾ ايف سي ۽ ليويز ڪيمپ تي ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کان پوءِ ليويز ۽ ايف سي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.

ٻئي طرف  اسمگلي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن ڊي ايس پي حميد الله دستي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ميڊيا رپورٽ مطابق ڪوئيٽا ۾ اسمگلي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن ڊي ايس پي حميدالله دستي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي پوليس موجب واقعي ۾ ڊي ايس پي حميدالله دستي محفوظ رهيو پر ان جا ٻه محافظ سخت زخمي ٿي پيا ٻنهي کي رضاڪارن اسپتال منتقل ڪيو جتي انهن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ڊي ايس پي حميدالله دستي گهر کان آفيس وڃڻ لاءِ نڪتو جڏهن ته ان جي گاڏي اسمگلي روڊ تي پهتي ته اتي اڳواٽ لڪي ويٺل ٻن هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي ڊي ايس پي حميدالله دستي ڊبل ڪئبن گاڏي جي اندر موجود هجڻ سبب محفوظ رهيو جڏهن ته گاڏي جي پوئين کليل حصي ۾ ان جا 4 پوليس گارڊ سوار هئا جن مان ٻه گولين جو نشانو بڻجي ويا پوليس پاران جوابي فائرنگ به ڪئي ويئي جڏهن ته ٻئي هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا شهيد اهلڪارن جي سڃاڻپ ظاهر ۽ ايوب جي نالي سان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *