ڪنگنا رناوت پنهنجي فلم جي مشهوري لاءِ ڪوڙ جو سهارو ورتو: ڪرني سينا ترجمان

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهنجي ايندڙ فلم ” مني ڪارنيڪا: ڪوئين آف جهانسي جي مشهوري مهم ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو نه ڪيو.  ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ڀارتي راجپوت تنظيم ڪرني سينا ڪنگنا رناوت جي فلم مني ڪارنيڪا: ڪوئين آف جهانسي تي اعتراض واريندي چيو هو ته فلم ۾ راڻي لڪشمي ٻائي جي غلط تصوير پيش ڪئي وئي جنهن تي ڪنگنا رناوت کين ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته کيس هراسان ڪرڻ ۽ فلم تي اعتراض اُٿاريندڙن سمورن ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيندي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪرني سينا جي ترجمان ڊاڪٽرهيمانشو ان ڳالهه کان بنهه انڪار ڪيو آهي ته هنن فلم جي مخالف ڪندي ڪنگنا کي ڪنهن به قسم جي ڪا به ڌمڪي ناهي ڏني. پر ڪنگنا جي تباهه ڪرڻ واري بيان ڪرني سينا جي اڳواڻن کي ضرور ڪاوڙائي وڌو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪٿي ڪنگنا رناوت ڪرني سينا جي نالي کي پنهنجي فلم جي مشهور لاءِ تي استعمال ناهي ڪيو؟ ڪرني سينا جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان فلم  مني ڪارنيڪا جي مخالف ناهي جڏهن ته ڪيئي ماڻهو پنهنجي فائدي لاءِ ڪرني سينا جي نالي جو استعمال ڪندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *