ڪنٽومينٽ بورڊز جي مڪاني چونڊن ۾ وزيراعظم جي حڪم تي ڌانڌلي جو پلان ٺاهيو ويو آهي: مسلم ليگ (ن) جو الزام

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) الزام مڙهيو آهي ته ڄاڻ آهي ته ڪنٽومينٽ بورڊز جي مڪاني چونڊن ۾ وزيراعطم جي حڪم تي ڌانڌلي جو پلان رٿيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان گورنر هائوس ۽ وڏي وزير کي استعمال ڪيو پيو وڃي. پولنگ جو وقت 5 وڳي تائين رکيو وڃي ۽ نتيجن جو اعلان ساڳئي ڏينهن ڪيو وڃي حڪومتي پارٽي جو هڪ سينيٽر پئسا ورهائي رهيو آهي ۽ سڃاڻپ ڪارڊز خريد ڪري رهيو آهي. اسان جي اليڪشن وڙهڻ جي تياري مڪمل آهي تنهنڪري ڪوئي غلط فهمي ۾ نه رهي سيالڪوٽ ۽ آزاد ڪشمير واري گيم هتي نه کيڏي ويندي اسان پرامن آهيون پر اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي اسان جي ڪنهن ڪارڪن کي پوليس پڪڙيو ته اسان انهيءَ وقت ردعمل ڏينداسين ۽ گرفتاريون ڏينداسين سي سي پي او اليڪشن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري لاهور شهر کي نقصان ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي اليڪشن ڪميشن جي آڏو جيڪي اعتراض اٿاريا آهن انهن جو جواب ناهي آيو. اهڙن خيالن جو اظهار خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق، ماڊل ٽائون ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خواجه سلمان رفيق، سميع الله خان، ياسين سوهل، ۽ ٻيا به موجود هئا خواجه سعد رفيق چيو ته اسان اليڪشن شيڊول جو اعلان ٿيندي ئي ٻه اعتراض داخل ڪيا جن ۾ پولنگ جو وقت 5 وڳي بدران شام 4 وڳي ڪرڻ شامل هو. ٻيو اعتراض چونڊن نتيجن جو اعلان 17 سيپٽمبر تي ڪرڻ جي اعلان تي هو پر اعترضن تي ڪوئي جواب ناهي ڏنو ويو اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته پولنگ جي وقت گهٽ نه ڪيو وڃي ۽ چونڊ نتيجن جا اعلان 12 سيپٽمبر جي رات تي ئي ڪيو وڃي هن چيو ته ڪنٽومينٽ بورڊ ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان پرامن چونڊ مهم هلي رهي هئي پر هاڻي اسان کي خبر پئي آهي ته وزيراعطم جي حڪم تي پنجاب جي وڏي وزير کي متحرڪ ڪري اتي ڌانڌلي جو پلان رٿيو ويو آهي ان حوالي سان گورنر هائوس کي به استعمال ڪيو پيو وڃي لاهور، گجرانوالا، نوشهرا، سيالڪوٽ ۽ ملتان ۽ راولپنڊي ڪينٽ ۾ ڌانڌلي جو پروگرام جوڙيو ويو وزيراعظم گورنر هائوس ۾ ٻن آزاد اميدوارن سان ملاقات به ڪئي آهي جن تي دٻاءُ وجهي ويهاريو ويو اسان وٽ انهن جي تصوير آهي پوليس کي به ڌانڌلي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ڪنٽومينٽ بورڊز ۾ بدلي ڪري اليڪشن ڪميشن جي قائدن جا بکيا اڍيڙيا پيا وڃن ڪنٽومينٽ ۾ نادرا جي گاڏين تي پي ٽي آئي جا جهنڊا لڳل ۽ اهي علائقي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ٽن سالن کان پوءِ ڇا عمران خان کي واپس انهيءَ تڪ ۾ اچڻو هو. هاڻي کيس علائقي ۾ ترقياتي ڪمن ياد پيا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪٿي آهي. دٻاءُ وڌو پيو وڃي حڪومتي پارٽي جو هڪ سينيٽر پئسا ورهائي رهيو آهي. هن چيو ته اميدوارن لاءِ 2 لک رپين جي چونڊ خرچن جي پابندي آهي فليڪس لڳائڻ تي هڪ لک رپيا ڪنٽومينٽ بورڊ کي جمع ڪرائڻ جو شرط اهي. عوامي مينديٽ چوري ڪرڻ جي سازش تيار آهي جنهن جي هدايت عمران خان ڏني آهي. سردار اياز صادق چيو ته گورنر هائوس ۾ ملڪ جو سربراهه ڪائونسلر ليول جي اميدوارن سان ملاقاتن تي اچي ويندو ته ان مان اندازو لڳايو ته حالتون ڪٿي پهتل آهن. اسان جي ڪارڪنن ۾ غصو ۽ ڪاوڙ آهي اڄ ماڻهو معافيون وٺي رهيا آهن ته پهرين غلطي ٿي وئي پر ٻيهر کين ووٽ نه ڏينداسين ماڻهن جي چوڻ مطابق اڄ هر شئي جون قيمتون وڌي ويون آهن. هنن حڪمرانن عوام کي ڪوئي رليف ناهي ڏنو هي وزيراعظم چوندو هو ته مهانگائي ٿئي ٿي ته وزيراعظم ڪرپٽ سمجهيو وڃي حڪومت جا ستايل ماڻهو بجلي گئس جو بل ڏين ٿا ته ٻن ويلن جي ماني پنهنجن ٻارڙن کي نٿا ڏئي سگهن هن چيو ته ڪينٽ صدر ۽ والٽن ۾ به کٽنداسين اليڪشن ڪميشن ضابطئه اخلاق جا بکيا اڍيڙڻ تي ڪارروائي ڪري ته جيئن منصفاڻي اليڪشن ثابت ٿئي اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن اهڙي اليڪشن ڪرائيندو جيئن ڪوئي آڱر نه کڻي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *