ڪنهن کي گار نه ڏني، معذرت ڪيان ٿو, ججن ۽ ادارن جو احترام ڪري اڳتي وڌڻ تي يقين رکون ٿا: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري غير مناسب لفظن تي اليڪشن ڪميشن کان معافي وٺي ڇڏي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير اعظم سواتي کي جواب لاءِ آخري موقعو ڏيندي واضح ڪيو ته جواب نه آيو ته 3 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو اڱاري تي اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي نوٽيس ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي معافي وٺي ڇڏي ۽ چيو ته مان ڪاغذي ڪارروائي ۾ نٿو پوڻ چاهيان اپيل آهي ته نوٽيس واپس ورتو وڃي اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري کي لکت معذرت طور پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سينيٽر اعطمس واتي ۽ سندس وڪيل سينيٽر علي ظفر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيا جنهن تي اليڪشن ڪميشن چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اعظم سواتي جو جواب نه آيو ته فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏينداسين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *