ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي ته هو اڻ پڙهيل آهن: ناديا حسين ماڊلز کي اڻ پڙهيل چئي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني ماڊل ناديا حسين جو چوڻ آهي ته اڄوڪيون ماڊلز اڻ پڙهيل آهن. نجي ٽي وي جي هڪ شو ۾ شرڪت دوران ماڊل ناديا حسين اڄوڪين ماڊلز جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته نيون ماڊلز اڻ پڙهيل آهن، انهن ۾ جي ڪا ڪلاس ناهي نه ئي شخصيت نظر اچي ٿي، هاڻي فيشن ماڊلز جي چونڊ ڪرڻ لاءِ ڪو معيار ناهي رهيو، پهريان 70 کان 80 سيڪڙو ماڊلز تعليم يافتا گهراڻن جون هونديون هيون. اداڪارا چيو ته هر قسم جون ڇوڪريون هن پيشي جو حصو بڻجي ويون آهن، ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي ته هو اڻ پڙهيل آهن يا ماڊلنگ لاءِ مناسب نه آهن. هن چيو ته اوهان اهو ٻڌايو ته هڪ ئي وقت 40 ماڊلز ڪٿان ملنديون، پهريان هڪ شو لاءِ رڳو 20 ماڊلز جي چونڊ ڪئي ويندي هئي. ناديا حسين کي پاڪستان جي بهترين فيشن ماڊلز مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *