ڪنهن کي مهاجر نه پر سڀني کي سنڌي سمجهون ٿا، نسل پرستي نه پر محبتون کٽي رهيون آهن: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته هو ڪنهن کي مهاجر نه پر سڀني کي سنڌي سمجهي ٿو. نسل پرستي نه پر محبتون کٽي رهيون آهن. ڪراچي پريس ڪلب ۾ مولابخش چانڊئي جي ڪتاب “گليان ياد نگر ڪي” جي مهورتي تقريب ٿي، جنهن ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، مجاهد بريلوي، سيد احمد شاهه، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو ته سنڌ رهندڙ سمورا ماڻهو سنڌي آهن. هن چيو ته گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي ان هو آجيان ڪن ٿا. مولا بخش چانڊئي چيو ته هو وفاق جا دشمن نه آهن پر ان کي هلائڻ چاهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *