ڪنهن پارٽي کي اتحاد ڪرڻو آهي ته سر عام ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس اعجازالحسن چيو آهي ته سينيٽ ۾ سياسي پارٽي جي نمائندگي صوبي ۾ تناسب مطابق ٿيڻ گهرجي سياسي جماعتن جي اتحاد سان متناسب نمائندگي تي فرق نٿو پوي ۽ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي اتحاد ڪرڻو آهي ته اها سرعام ڪري جمعي تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن ووٽرز لاءِ هدايتنامو جمع ڪرايو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ووٽرز لاءِ ضابطئه اخلاق جمع ڪرائي چڪا آهيون پ پ اڳواڻ رضا رباني دليل سروع ڪندي چيو ته پ پ سان ذاتي حيثيت ۾ به پيش ٿي رهيو آهيان ڪوشش ڪندس ته پنهنجا دليل مختصر رکان رضا رباني چيو ته مان 10 نقطن تي دليل ڏيندس منهنجي دليلن جي شروعات جسٽس اعجازالحسن جي نظام بيهجي وڃڻ وارن ريمارڪس سان ٿيندي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ۽ اڳوڻي چيئرمين سينيٽ رضا رباني وچ ۾ گفتو به ٿيو رضا رباني چيو ته عام تاثر آهي ته پارليامينٽ ميمبر سٺو وڪيل ناهي ٿيندو چيف جسٽس رضا رباني کي مرڪندي جواب ڏنو ته اهڙي ڳالهه ناهي اوهان سٺا وڪيل آهي اوهان ته 1994 کان سينيٽ جا ميمبر آهيو رضا رباني چيو ته دليلن جي شروعات سينيٽ کي تخليق ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي ان سان ڪندس سينيٽ کي تخليق ڪرڻ جو بنيادي مقصد فيڊرل ازم آهي قائداعظم جناح جي 14 نقطن مان 14هون نقطو فيڊرل ازم هو هن چيو ته سينيٽ کي قائم ڪرڻ جو مقصد ٻوسٽ واري ماحول کي ختم ڪري متناسب نمائندگي ڏيڻ آهي اهڙيون ننڍيون سياسي پارٽيون جن جون 4 صوبائي سيٽون هونديون آهن انهن کي به سينيٽ ۾ نمائندگي ملي ٿي ننڍڙي سياسي پارٽين کي فيڊرل ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ سنگل ٽرانسفرايبل ووٽ جو تصور ڏنو ويو هن چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ ٽن يا چئن ميمبرن جي باوجود 2 سينيٽر موجود آهن اوهان سينيٽ جي تشڪيل ۽ مقصد کي سامهون رکو پاڪستان جي عوام جي گهڻائي قومي اسيمبلي ۾ هوندي آهي اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته سينيٽ ۾ وفاق پاڪستان جي نمائندگي هوندي آهي هائوس آف لارڊ ۽ هائوس آف ڪامن ۾ به ٽڪراءُ ڏسي سگهجي ٿو هائوس آف ڪامن وٽ عوامي نمائندگي هوندي آهي هن چيو ته اسان کي مسئلي جو حل آئين ۾ ڏسڻ گهرجي قومي اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ کان پوءِ به سينيٽ ان کي رد ڪري سگهي ٿو سينيٽ کي بل کي 90 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ هوندو آهي هن چيو ته سينيٽ ۾ نمائندگي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي تناسب سان ٿئي ٿي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ضروري نه آهي ته حڪمران جماعت جي صوبي ۾ به حڪوتم هجي وفاق ۾ ڪنهن اپوزيشن جماعت جي صوبي ۾ حڪومت ٿي سگهي ٿي رضا رباني چيو ته صدر سوال پڇيو آهي ته ڳجهي ووٽنگ سينيٽ تي لاڳو ٿئي ٿي يا نه حڪومت اهڙو تاثر ڏنو آهي جيئن ڪيس 3/184 جي دائره اختيار جو آهي مان جسٽس اعجازالحسن جي سوالن جا جواب ڏيندس ان تي رضا رباني کي ٽوڪيندي جسٽس اعجازلاحسن چيو ته منهنجو نالو اعجازالحسن ناهي اعجاز الاحسن آهي رضا رباني چيو ته سينيٽ جي قيام جو مقصد سمورن صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي آهي جيڪي پاڻ کي الڳ سمجهندا هئا کين نمائندگي ڏيڻ لاءِ سينيٽ قائم ٿي پارليماني نظام ۾ ٻئي ايوان ڪڏهن به اتفاق راءِ سان نٿا هلن هن چيو ته قومي اسيمبلي عوام ۽ سينيٽ وفاقي ٿنڀن جي نمائنده آهي ٻنهي ايوانن ۾ اختلاف راءِ نه هجڻ غير فطري هوندو لازمي نه آهي ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ واري جماعت جي صوبي ۾ به اڪثريت هجي هن چيوته اپوزيشن جماعتن جي اتحاد سان به سينيٽ ۾ سينيٽن جو تناسب تبديل ٿي سگهي ٿو متناسب نمائندگي جي نقطي تي تفصيلي موقف ڏيندس. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته متناسب نمائندگي جو ذڪر آرٽيڪل 51 ۽ آرٽيڪل 59 ٻنهي ۾ آهي سياسي پارٽين جي اتحاد سان به متناسب نمائندگي تي فرق نٿو پوي ڪنهن جماعت کي اتحاد ڪرڻو آهي ته سرعام ڪري، رضا رباني جواب ڏنو ته آرٽيڪل 51 تحت متناسب نمائندگي مخصوص سيٽن تي پارٽي لسٽ مطابق ٿيندي آهي آرٽيڪل 59 ۾ متناسب نمائندگي سينيٽ ۾ ووٽ جي ذريعي ٿيندي آهي هن چيو ته متناسب نمائندگي جي عدالت جيڪا تشريح ڪري رهي آهي اها آئيڊيل حالتن واري آهي سياسي معاملا ڪڌهن به آئيڊيل ناهن هوندا جسٽس اعجازالاحسن چيو ته سينيٽ ۾ سياسي جماعت جي نمائندگي صوبي ۾ تناسب مطابق هئڻ گهرجي ان موقعي تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيترائي ڀيرا سياسي پارٽيون ٻئي صوبي جي پارٽينس ان به ايڊجسٽمينٽ ڪن ٿيون جڏهن ته جيڪڏهن بين الاصوبائي اتحاد ٿئي ته ووٽ ڳجهو رکڻ ڇو ضروري آهي رضا رباني چيو ته هارس ٽريڊن ۽ سياسي اتحاد ۾ فرق آهي سياسي اتحاد عام طور تي ڳجهو ٿيندو اهي پر جيڪڏهن ڪوئي انفرادي شخص سينيٽ ميمبر بڻجڻ پسند ڪري ته هارس ٽريڊنگ ٿي سگهي ٿي ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هر سياسي جماعت جي عددي جماعت مطابق سينيٽ ۾ نمائندگي هجڻ گهرجي ووٽ ڳجهو رکڻ جو ڇا مطلب هو رضا رباني چيو ته شاهد ڳجهو ان ڪري رکيو ويو ته ڪنهن سياسي جماعت جو صحيح تناسب نه اچي سگهجي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جماعت جي صوبائي اسيمبلي ۾ ٻه ميمبر آهن ته اها حليف جماعتن سان اتحاد قئام ڪري سگهي اوهان اسان کي متناسب نمائندگي بابت ٻڌايو اوهان انفرادي حيثيت ۾ لارجر بئنچ جي سامهون پيش ٿي رهيا آهيون رضا رباني چيو ته اسان کي آئين ٺاهيندڙن جي دماغ کي سمجهڻو پوندو. سياسي پارٽين جي متناسب نمائندگي قانون سازن جي ذهن ۾ هئي متناسب نمائندگي جي نظام جي هيٺان به 3 مختلف نظام موجود آهن هر آرٽيڪل ۾ الڳ نظام بابت ٻڌايو ويو آهي هن چيو ته جتي پارٽي نمائندگي جو چيو ويو آهي اتي سنگل قابل انتقال ووٽ جو به چيو ويو آهي سنگل ٽرانسفر ايبل ووٽ کي به مين اسٽريم نمائندگي جو حق آهي جسٽس اعجازالحسن چيو ته سنگل ٽرافرايبل ووٽ ضروري نه آهي ته حڪمران جماعت جي خلاف وڃي اتحادي پارتين جي پنهنجي طاقت ٿي سگهي ٿي هن چيو ته نظام جيڪو به اختيار ڪيو وڃي سينيت ۾ صوبائي اسيمبلي ۾ موجود جماعتن جي نمائندگي هئڻ گهرجي 1973 جو آئين ٺهڻ وقت قانون واري وزير چيو هو ته صوبائي نشتن جي سينيٽ ۾ نمائندگي هئڻ گهرجي رضا رباني هن چيو ته جيڪڏهن ان اصول تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته پوءِ پارٽي لسٽ هئڻ گهرجي ها پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) اتحادي آهن تحريڪ انصاف 4 يا پنج سينيٽر مان هڪ سينيٽر (ق) ليگ کي ڏيئي رهي آهي ڇا تحريڪ انصاف جي هڪ سينيٽر گهٽجڻ سان متناسب نمائندگي جي عڪاسي ٿيندي جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته اوهان هن دليل کي ٻئي انداز سان به بيان ڪري سگهو ٿا اڪثريتي جماعت ٻي اتحادي جماعت سان صوبي ۾ سيٽ جي بدلي ڪري سگهي ٿي تحريڪ انصاف ۽ (ق) ليگ جو پنجاب ۾ اڀرندڙ اتحاد آهي هن چيو ته مان ان تي وڌيڪ نٿو لڳالهائي سگهان سوال اهو آهي ته پوءِ اتحاد جي صورت ۾ سينيٽ جو ووٽ ڇو ڳجهو هوندو آهي رضا رباني جواب ڏنو ته سياسي اتحاد ڳجهو ناهي هوندو پر جيڪڏهن انفرادي ووٽ چاهي ته پنهنجو ووٽ ڳجهو رکي سگهي ٿو هن چيو ته سومر تي ڳجهي ڳڻپ تي دليل ڏيندس آرٽيڪل 226 جي سينيٽ چونڊن تي لاڳو عمل تي به دليل ڏيندس سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ اليڪشن صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي ويئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *